راڄپر عبدالحڪيم سرائي

راڄپر، عبدالحڪيم سرائي: طب جي علم جو ماهر ۽ حڪيم سرائي عبدالحڪيم خان، سارنگ فقير راڄپر اصل لاڙ جو ويٺل هو. ميرن حڪمرانن سان سندس سٺا تعلقات هوندا هئا. جڏهن مير مراد علي خان ٽالپر خيرپور جي حڪومت جون واڳون سنڀاليون، تڏهن سرائي عبدالحڪيم خان، مير صاحب جي خاص حڪيمن ۾ شامل ڪيو ويو. هو هر وقت مير صاحب سان گڏ رهندو هو. کيس طب ۾ وڏي مهارت حاصل هئي ۽ طب جي علم تي ڪافي ڪتاب به لکيائين. هن جي مير فيض محمد خان ۽ مير امير علي خان جي درٻارن تائين ڪافي پهچ هئي. کانئس پوءِ سندس پٽ سرائي غلام اڪبر خان ميرن جو خاص حڪيم مقرر ٿيو، جنهن کي مير امام بخش خان ۽ مير علي نواز ’ناز‘ وٽ وڏي حيثيت حاصل هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو